اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ۽ فني شعبن ۾ سرڪاري آفيسرن جي ??اء?? ننڍي مدي وارا تربيتي ڪورسز شروع ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي صلاحيتن ۾ اضافي سان پاڪست??ن جي سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، آن لائين تربيتي ماڊيولز جي مدد سان اضافي خرچن کانسواءِ سرڪاري ملازمن کي تربيت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي (اين ايس پي پي) جي بورڊ آف گورنرز جي اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين به آهي. اج??اس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال، اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ت?? عوام کي خدمتن جي بهتر فراهمي جي ??اء?? سرڪاري ملازمن جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت آهي، صلاحيت ۾ اضافي جي ??اء?? بهترين عالمي طريقن موجب تربيت ڏيڻي پوندي، سرڪاري ملازمن جي صلاحيتن ۾ اضافي سان پاڪست??ن جي سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ت?? تربيت ۾ مصنوعي ذهانت، آن لائين ۽ هائبرڊ طريقن کي استعمال ڪيو وڃي، سرڪاري ملازمن مهارتن ۾ اضافي، وقت سر ۽ صحيح فيصلاسازي جي ??اء?? تعليمي ماڊيولز کي اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ت?? آن لائين تربيتي ماڊيولز جي مدد سان اضافي خرچن کانسواءِ سرڪاري ملازمن کي تربيت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. صدر خصوصي ۽ فني شعبن ۾ سرڪاري آفيسرن جي ??اء?? ننڍي مدي جي تربتي ڪورسز شروع ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير احسن اقب??ل اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جي وائيس چيئرمين به آهي، هن چيو ت?? بيوروڪريسي پاران مجموعي طور تي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڏورانهن علائقن ۾ مقرر آفيسرن کي مختصر ۽ ڊگهي مدي واري معياري تربيت فراهم ڪرڻ جي ??اء?? آءِ ٽي تي ٻڌل پليٽ فارم متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. منصوبابندي واري وفاقي وزير پاران نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي طرز تي اين ايس پي پي کي ڊگري جاري ڪرڻ واري اداري ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي. بورڊ آف گورنرز اج??اس ۾ پيش ڪيل ايجنڊا آئٽمز تي پڻ فيصلا ڪيا. اين ايس پي پي ۾ گريڊ 18 جي آفيسرن جي ??اء?? مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس، گريڊ 19 جي آفيسرن جي ??اء?? سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس ۽ گريڊ 20 جي آفيسرن جي ??اء?? نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس منعقد ڪرائي ٿي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ پاليسي اين ايس پي پي جو پبلڪ پاليسي بابت ريسرچ انسٽيٽيوٽ آهي، ??ن جو مقصد پاڪست??ن جي گهڻ رخي ۽ سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ حڪومت جي وسيع ۽ اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? پاليسي ريسرچ ۽ مڪالمي جي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آهي.