اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترق?? جي ننڍي ۽ ڪاٽيج انڊسٽري کي ترقي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان جي نتيجي ۾ نه رڳو ماڻهن کي روزگار ملندو پر ان جا ملڪي معيشت تي به مثبت اثر پوندا، موجوده درآمدي منڊين ۾ پنهنجي پهچ کي وڌائڻ ۽ نئين برآمدي منڊين جي ڳولا سان ملڪ جي صنعتي ۽ ڪاروباري شعبن ۾ نمايان بهتري آئي آه??، معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ سان ٽيڪس جا وڏا مسئلا حل ٿيندا ۽ ٽيڪس عملدارن جي استحصال ۽ بدانتظ??مي کي گهٽ ڪري سگهبو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايس ??ي سي آءِ) جي اهتمام هيٺ منعقد اچيومينٽ ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سرگوڌا چيمبر جي صدر چوڌري شعيب احمد بسرا پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ سفارتڪارن، ايس ??ي سي آءِ جي عهديدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هائي ٽيڪ ڪاروباري عمل کي متعارف ڪرائڻ ۽ اختراعي آئيڊياز جي ذريعي ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان ۾ ننڍي، وچولي ۽ وڏي صنعتن کي ترقي ڏئي ملڪي معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته واپارين کي نوجوانن جي هنرمندي سان گڏوگڏ ننڍي ۽ ڪاٽيج انڊسٽريز جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پاڪستان اي او ڊي بي انڊيڪس ۾ پنهنجي درجابندي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن. هن واپاري برادري کي چيو ته اها رضاڪاراڻي طور تي واجب الادا ٽيڪس ادا ڪن جي??و حڪومت کي رستن، يوٽيليٽيز ۽ ٻين خدمتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سرمايو فراهم ڪندو ۽ ان سان واپاري برادري کي مق??مي ۽ عالمي مارڪيٽنگ ۾ پنهنجي ڪاروباري عمل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ قيمتن ۾ هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر عارف علوي ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته اها معيشت جي ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ ڪم ڪر??، معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ سان ٽيڪس جا وڏا مسئلا حل ٿيندا ۽ ٽيڪس عملدارن جي استحصال ۽ بدانتظ??مي کي گهٽ ڪري سگهبو. صدر چيو ته مسلمان دنيا سدائين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۾ دير ڪئي آهي، آءِ ٽي ملڪ جو مستقبل آهي ۽ اسان کي دنيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ زندگ?? جي سمورن شعبن ۾ نئين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عورتن کي ڪاروباري سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ لازمي آهي، ڪو به ملڪ پنهنجي اڌ آبادي کي پٺتي ڇڏي ترق?? جي راهه تي گامزن نه ٿو ٿي سگهي، واپاري برادري ۽ صنعتڪار پنهنجي ڪاروباري پاليسين ۾ سماجي ڀلائي کي اولين ترجيح ڏين ۽ پنهنجي پنهنجي علائقن جي ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي حالتن کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته صنعت ۽ ڪاروبار ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي صنعتڪارن ۽ واپارين کي 30 سيڪڙو جي بلند ترين برآمدي واڌويجهه ۽ گذريل سال 32 ارب ڊالر جو برآمدي هدف حاصل ڪرڻ تي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته واپاري برادري ملڪ جي وڌندڙ واپاري خساري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. صدر چيو ته موجوده برآمدي منڊين ۾ پنهنجي پهچ کي وڌائڻ ۽ نئين برآمدي منڊين جي ڳولا سان ملڪ جي صنعتي ۽ ڪاروباري شعبن ۾ نمايان بهتري آئي آهي، حڪومت واپاري برادري کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ اها ڪاروبار ۾ آساني ۽ واپارين جي سرپرست?? جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال هجڻ سان گڏوگڏ مناسب انساني وسيلا پڻ رکي ٿو جنهن ک?? جيڪڏهن معياري تعليم ۽ هنر فراهم ڪيو وڃي ته ملڪ جي صنعتي ۽ ڪاروباري شعبن ۾ انتهائي ضروري چٽاڀيٽي پيدا ٿي سگهي ٿي. صدر ملڪ جي چيمبرز خاص طور تي سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽر?? جي علائق?? جي واپارين جي رهنمائي کي ساراهيندي چيو ته چيمبرز آف ڪامرس اهم ادارا آهن جن ڪاروباري برادري کي صنعتي ۽ ڪاروباري شعبي کي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ ۽ پنهنجي مصنوعات ۽ خدمتن جي لاءِ غيرملڪي منڊين کي ڳولڻ جي لاءِ موثر فورمز سان گڏ ويزن ۽ قيادت فراهم ڪئي آهي. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب ۾ مختلف ڪمپنين، ڪاروباري ادارن ۽ چيمبر جي نمائندن کي نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ايوارڊ ڏنا.