گڏيل قومون -07 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته هو پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران عالمي برادري کي پاڪستان لاءِ وڏي پئماني تي امداد جي اپ??ل ڪندو. چين جي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر نيويارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جو ٽيون حصو ٻوڏ سبب متاثر ٿيو آهي ۽ هو پاڪستاني عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ عالمي برادري کان وڏي پئماني تي مدد جي اپ??ل لاءِ پاڪستان وڃي رهيو آهي ڇا??اڻ ته هن ??قت پاڪستان کي عالمي برادري طرفان ڀرپور امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته هوءَ عالمي برادري کي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري امداد جي اپ??ل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هن ??قت يوڪرين جنگ تي وڌ??ڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي، ڇا??اڻ ته ماڻهن کي اها اصل جنگ وسري وئي آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ئي اصل جنگ آهي. هن چيو ته پاڪستان چاڊ، آفريقه جيڪي سوڪهڙي جو سبب بڻجي رهيا آهن اتي هن ??قت سڀ کان وڏو خطرو جنهن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي اهي موسمياتي تبديلين جا اثر آهن. هن چيو ته جيڪا صورتحال اڄ پاڪستان کي درپيش آهي سڀاڻي ڪنهن ??ئي ملڪ سان به پيش اچي سگهي ٿي. هن چيو ته موسمياتي تبديليون هن دور جو سڀ کان وڏو اهم مسئلو آهن ۽ان کي عام مسئلو سمجهي، عام انداز سان حل ڪرڻ جي سوچ خودڪشي هوندي.