اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي وزير شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان پاران مالي امداد جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ??هو پاڪستان جي عوام سان ان جي بي لوث محبت ۽ انسانيت جي لاءِ درمندي جو ثبوت آهي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ايثار کي ڪڏ??ن فراموش نه ڪندي. ان کان اڳ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي ثقافت، نوجوانن ۽ سماجي ترقي واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 10 ملين ڊالر مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جيل اءِ انفرادي سطح تي ??ني ويندڙ شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان پاران ??ني ويندڙ هيستائين جو سڀ کان وڏو عطيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف متاثرين جي فراخدلاڻي مدد تي شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان ج?? ٿورا مڃيندي چيو آهي ته ??هو ان جي پاڪستاني عوام سان بي لوث محبت ۽ انسانيت جي لاءِ درمندي جو ثبوت آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سندس ان ج??بي کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي، ان سان ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي ۾ وڏي مدد ملندي. پاڪستاني عوام سان توهان جي محبت ٻنهي ملڪن ??ي ڀائراڻن لاڳاپن جي تاريخ جو سنهري باب آهي.