اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ??رڪ??ه جي اعليٰ سطحي وفد ج?? يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي مضبوط رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ??رڪ??ه جي صدر رجب طيب اردوان جي هدايت تي پاڪستان جو دورو ڪندڙ ??رڪ??ه جي اعليٰ سطحي وفد سان ساڻس ملاقات ٿي آهي جيڪو گهرو وزير سليمان سوئلو ۽ ماحوليات، شهري معاملن ۽ ماحولياتي تبديلي واري وزير مرات ڪورم جي قيادت هيٺ پاڪستان جي دوري تي آهي. هن چيو ته هي وفد اسان جي تاريخ جي مشڪل ترين گهڙيءَ ۾ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان آيو آهي، ??رڪ??ه جي مدد سان اسان کي وڏي طاقت ۽ اعتماد حاصل ٿيو آهي، اسان رجب طيب اردوان جا جيترا به ٿورا مڃون گهٽ آهن. هن چيو ته هن دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي مضبوط رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي.