اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سڄي پاڪستان ۾ جاري چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن جي ڏس ۾ جرمني، س??ئي??ن، ڊينمارڪ ۽ ناروي جو سرڪاري دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بي??ن موجب پرڏيهي وزير يورپ سان پاڪستان جي مسلسل رابطن جي حصي طور انهن ملڪن جي پنهنجي هم منصبن ۽ ٻين سرڪاري عهديدارن ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جا منتظر آهن. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير بابت ملڪن جي گادي وارن شهرن جي دورن کي ميزبان حڪومتن س??ن مشاورت ک??نپ??ءِ گڏيل اتفاق سان طئي ٿيل تاريخن تي ٻيهر جوڙيو ويندو.