سرگوڌا – 03 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به ڪشمير استحصال ڏهاڙو سڀاڻي 5 آگسٽ تي ملهايو ويندو، ان ڏس ۾ انتظامن ۽ پروگرامن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ جائزه اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هيڊڪوارٽر ارشد احمد وٽو جي صدارت ۾ سندس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 5 آگسٽ جمعته المبارڪ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي شروعات سمورين سرڪاري آفيسن ۾ صبح 9 وڳ?? هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪر?? سان ٿيندي، ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪر?? ۽ ڪشميرين جي ??زا??ي جي جدوجهد جي حمايت جي لاءِ صبح 10 وڳ?? آرٽس ڪائونسل ڪمپليڪس ۾ سيمينار من??قد ڪيو ويندو جنهن جا شرڪت ڪندڙ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌندا. سيمينار کانپوءِ شرڪت ڪندڙ ??ي پي او چوڪ تائين ڪشميرين سان يڪجهي جي اظهار لاءِ هڪ وڏي ريلي پڻ ڪڍندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊائريڪٽر ڪاليجز گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج چاندني چوڪ ۽ گورنمينٽ انبالا مسلم ڪاليج ۾ پڻ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان مذمتي پروگرام من??قد ڪيا ويندا. اهڙي طرح تعليمي ادارن ۾ به شاگردن کي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي حوالي سان آگاهي جي لاءِ خصوصي پروگرامز من??قد ڪيا ويندا. اجلاس ۾ سمورن لاڳاپيل کاتن کي ان ڏس ۾ ذميواريون ڏنيون ويون.