اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪشمير جي اهم سياسي ۽ سماجي شخ??يتن پاڪستان پاران جمعي ڏينهن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي طور تي ملهائڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ويبينار جو اهتمام ڪشمير جي حامي گروپن ڪيو هو ۽ ان کي ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ پاڪستان جي ناليوارين شخ??يتن خطاب ڪيو. ان موقعي تي مقررين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي تبديلي جي ڪڌي ڀارتي راند جي مذمت ڪئي ۽ تنبيهه ??ئي ته جيڪڏهن مودي جي آبادڪاري جي منصوبي کي نه روڪيو ويو ته ??کڻ ايشيا ۾ امن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هنن چيو ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته ڪشميري فسطائي ڀارتي حڪومت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدم کي رد ڪن ٿا ۽ اهي آزادي جي جدوجهد کي سمورين مشڪلاتن جي باوجود منطقي انجام تائين پهچائيندا. هنن ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي کي گڏيل قومن تي چماٽ قر??ر ڏنو جنهن ڄمون ۽ ڪشمير کي تڪراري علائقو قر??ر ڏئي رکيو آهي ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي ح?? جي حوالي سان ڪيتريون ئي قر??دادون پاس ڪيون آهن. ويبينار کي خطاب ڪندڙن ۾ عبدلرشيد ترابي، ڊاڪٽر محمد نفيس ذڪريا، نجم ثاقب، مختار احمد بابا، ايڊووڪيٽ نبيلا ارشاد، راجا محمد سجاد خان ۽ بلال شڪي شامل هئا.