اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ربان?? کر سان پاڪستان ۾ پولينڊ جي سفير ميڪيج پسارسڪي ۽ س??ئيڊن جي سفير هنرڪ پرسن پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ يوڪرين ??اء?? عالمي ڊونرز ڪانفرنس جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ربان?? کر چيو ته پاڪستان سمورن اتفراتفري وارن علائقن ۾ شهرين کي انساني بنيادن تي رليف فراهم ڪرڻ ??اء?? پرعزم آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ اسان گذريل مهيني هنگامي طور تي امدادي سامان جا ٻه جهاز روانا ڪيا آهن.