اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وزارت عظميٰ جو حلف کڻڻ کانپوءِ سعودي عرب جو پهريون دورو سعودي عرب جي ان تاريخي اسٽريٽجڪ اهميت جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو پاڪستان سعودي عرب ??ان پنهنجي خصوصي لاڳاپن کي ڏي ٿو، پاڪستان ۽ سعودي عرب گهري ۽ پائيدار ڀائراڻي رشتن ۾ جڙيل آهن، مشڪل جي هر گهڙي ۾ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي سعودي عرب جا دل جي گهراين ??ان ٿورائتا آهيون. سعودي عرب جي دوري تي روانگي کان اڳ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون کي خوشي آهي ته آئون وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ ۾ وزيراعظم طور پهريون دورو سعودي عرب جو ڪري رهيو آهيان، اهو دورو ان تاريخي اسٽريٽجڪ اهميت جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو پاڪستان سعودي عرب جي ??ان پنهنجي خصوصي لاڳاپن کي ڏي ٿو جنهن جا بنياد مضبوط گڏيل اعتماد ۽ گڏيل تعاون تي هموار آهن، آئون سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي خوشي ??ان ان دوري جي دعوت ڏني آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گهري ۽ پائيدار ڀائراڻي رشتن ۾ جڙيل آهن جنهن جا مضبوط بنياد گڏيل اعتماد ۽ گڏيل تعاون تي هموار آهن، هن چيو ته پاڪستان جي عوام خادم الحرمين الشريفين کي انتهائي قدر جي نگاهه ??ان ڏي ٿي، ا??ان مشڪل جي هر گهڙي ۾ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي سعودي عرب جا دل جي گهراين ??ان ٿورائتا آهيون، پاڪستان سدائ??ن سعودي عرب جو ساٿ ڏنو ۽ آئنده به هر موقعي تي پنهنجي سعودي ڀائرن ??ان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهندو، هن چيو ته سعودي عرب جي دانشمنداڻي قيادت ڀائر سعودي عوام ج?? وڌ کان وڌ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جانفشاني ??ان ڪم ڪيو، ا??ان کي فخر آهي ته ولي عهد محمد بن سلمان جي ويزن 2030 جي فريم ورڪ تحت سعودي عرب ۾ ٿيندڙ قابل ذڪر ترقي تي فخر آهي، جيڪا تبديلي جو هڪ قدم آهي، وزيراعظم چيو ته ا??ان سعودي عرب پاران مسلم امت جي قيادت ۽ امت جي مسئلن جي حل جي حوالي ??ان ان جي گهري وابستگي جا قائل آهيون. هن چيو ته سعودي قيادت ??ان پنهنجي ڳالهين جو منتظر آهيان ته ا??ان پنهنجي هم جهت ٻطرفي تعاون جو جائزو وٺون ۽ ان خصوصي لاڳاپن کي لامتناعي بلندي تائين وٺي وينداسين، هن چيو ته آئون سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ چاهيندس، جنهن پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هو پاڪستان سعودي ڀائراڻي لاڳاپن ک?? وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم حصيدار آهن.