اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وفاق?? ڪابينا ۾ توسيع ڪندي وڌيڪ 4 وزير شامل ڪيا ويا آهن جن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کنيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ئي?? وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سول ۽ ف??جي عملدارن، حڪومت ۾ شامل ا??حادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وفاق?? ڪابينا ۾ جن نون وزيرن کي شامل ڪيو ويو آهي انهن ۾ ميان جاويد لطيف، آغا حسن بلوچ ۽ چوڌري سالڪ حسين کي وفاقي وزير بڻايو ويو آهي جڏهن ته محمد هاشم نوتيزئي کي مملڪتي وزير جي حيثيت سان ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ 19 اپريل تي پهرين مرحلي ۾ ڪابينا ۾ 30 وفاقي وزيرن ۽ 3 مملڪتي وزيرن کي شامل ڪيو ويو هو. ڪابينا ۾ اڳ ۾ ئي 3 صلاحڪارن کي به شامل ڪيو ويو آهي. وفاق?? ڪابينا جي حلف برداري کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي سربراهن سان ڪابينا جي جوڙجڪ جي لاءِ مشاورت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڪابينا کي حتمي شڪل ڏني وئي هئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف 11 اپريل تي ملڪ جي ??ئي?? وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو هو، ان کان اڳ قومي اسيمبلي محمد شهباز شريف کي 174 ووٽن سان پاڪستان جي 23 هين وزيراعظم جي حيثيت سان چونڊيو هو.