اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪ??تا?? ۽ سريلنڪا جي وچ م موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪ سريلنڪا آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي استعمال ۾ آڻيندي ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن سريلنڪا جي واپار واري وزير ڊاڪٽر بندولا گنا ورڌنا ۽ علائقائي تعاون واري رياستي وزير ٿراڪا بالا سوريا سان ڳالهائيندي چئي جن وزيراعظم هائوس ۾ س??ڻس ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر گنا ورڌنا ۽ ٿراڪا بالا سوريا سريلنڪا جي هڪ واپاري وفد سان گڏ هن وقت 20 کان 27 جنوري 2022ع تائين پاڪ??تا?? جو دورو ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ا??ليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پاڪ??تا?? سريلنڪا ايف ٽي اي کي استعمال ۾ آڻيندي ٻطرفن واپاير لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پاڪ??تا?? ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ مضبوط ثقافتي رشتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم سريلنڪن وفد جو ڌيان پاڪ??تا?? جي تاريخي ٻڌمت ثقافتي ورثي طرف ڇڪرايو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سريلنڪن شهري وڏي انگ ۾ مذهبي سياحت جي لاءِ پاڪ??تا?? ايندا. ڊاڪٽر بندولا گنا وڌرني سريلنڪا جي لاءِ گرم جوشي ۽ خيرسگال?? جي جذبن جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪ??تا?? سان واپار، آءِ سي ٽي، فارماسيوٽيڪل، معدنيات، ٽيڪسٽائيل، تعليم، دفاع، سياحت، انساني وسيلن جي ترق?? جي مختلف شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن، گڏيل منصوبن، اعليٰ صلاحيتن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاج?? جي منتقلي ۾ پاڪ??تا?? سان تعاون کي سگهه ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.