اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته قبضو ڪيل زمين کي آجو ڪرائڻ لاءِ قانون سختي سان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اها هدايت هن هائوسنگ ۽ تعميرات بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اج??اس جي صدارت ڪندي ڏني.
اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اج??اس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ح??وم?? ماحولياتي تحفظ لاءِ ٻيلن جي زمينن جي حفاظت کي يقيني بڻائي رهي آهي، هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي ۽ موسمياتي تبديلي هن وقت پاڪستان سميت سڄي دنيا جو سڀ کان وڏو اهم مسئلو آهي. وزيراعظم چيو ته ح??وم?? قبضي واري زمين کي آجي ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ڪيڊسٽرل ميپنگ سان ڊيڊ ڪيپٽل جي نشاندهي ۽ ان جو بهتر استعمال ممڪن ٿي سگهندو.
اج??اس کي سي ڊي اي چيئرمين اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته سيڪٽرI-15 جي تڪميل هڪ سال جي ٿوري مدي ۾ يقيني بڻائي وئي، نئون پاڪستان هائوسنگ تحت فراش ٽائون ۽ ٻيا انفرااسٽرڪچر جا منصوبا به جلد مڪمل ڪيا ويندا. هن ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ ٻيلن جي زمين جي رڪارڊ ڊجيٽلائيزيشن به تقريبن ممڪن ٿي چڪي آهي، اج??اس کي سرويئر جنرل طرفان ڪيڊسٽرل ميپنگ تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، سي ڊي اي چيئرمين ٻڌايو ته اسلام آباد ۽ لاهور سميت پوري ملڪ ۾ ڊجيٽل ميپنگ ۽ سرڪاري زمينن جي نشاندهي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، اج??اس ۾ اسپيشل/سائيٽ ڊولپمينٽ زونز تي به بريفنگ ڏني وئي، سي ڊي اي چيئرمين ٻڌايو ته ڊولپمينٽ زونز پيري اربن سيٽلمنٽس کي بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، منصوبي سان زمين جو بهتر استعمال ۽ غير قانوني سوسائيٽين جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي.