اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قوم 74 هون آزادي جو ڏهاڙو اڄ ڇنڇر ڏينهن ملي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي، ??زادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوان صدر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب ٿيندي، ??ڏهن ته س??ني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ به جهنڊو ڦڙڪائڻ جون تقريبون منعق?? ڪيون وينديون. وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. ان ڏينهن جي مناسبت سان صدر، وزيراعظم سميت اهم شخصيتن جا خصوصي پيغام جاري ڪيا ويندا. قائداعظم جي مزار ۽ اقبال جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جون تقريبون به منعقد ٿينديون. سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ خصوصي تقريبن جو انعقا?? ڪيو ويندو. جنهن ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني شامل ٿيندا. هي اهو ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان 1947ع ۾ انگلستان کان آزادي حاصل ڪري وجود ۾ آيو، 14 آگسٽ جو ڏينهن پاڪستان ۾ سرڪاري سطح تي قومي ڏهاڙي جي ??ور تي وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو آهي، پاڪستاني عوام ان ڏينهن پنهنجو قومي جهنڊو هوا ۾ بلند ڪندي پنهنجي قومي محسنن کي خراج عقيدت پيش ڪندي آهي، پارليامينٽ هائوس سميت سڄي ملڪ جي اهم سرڪاري عمارتن تي چراغان ڪيو ويو آهي، ??نهن تقريبن کانسواءِ نه رڳو ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس سميت اهم عمارتن تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويندو. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عمارتن تي به قومي جهنڊو ڦڙڪائي رهيا آهن، آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرنٽ ميڊيا تي خصوصي اشتهار ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خصوصي پروگرام نشر ۽ ٽيلي ڪاسٽ ڪيا ويندا، سرڪاري ??ور تي آزادي جو ڏهاڙو انتهائي شاندار طريقي سان ملهائيندي اعليٰ عهديدار پنهنجي حڪومت جي ڪاميابين ۽ بهترين حڪمت عملين جو ذڪر ڪندي پنهنجي عوام سان اهو وچن ورجائيندا ته اسان پنهنجي تن، من ۽ ڌن جي بازي لڳائي به هن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين ۽ سدائين پنهنجي اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح جي قول ” ايمان، اتحاد ۽ تنظيم“ جي پاسداري ڪنداسين. 14 آگسٽ تي پاڪستان ۾ سرڪاري ??ور تي موڪل هوندي، ??زادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي واگها بارڊر تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي رنگارنگ تقريب به منعقد ڪئي ويندي، ??زادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن، اسلام آباد جي س??ني روڊن تي قومي جهنڊن جي وڪري لاءِ اسٽالز لڳايا ويا آهن، جنهن سان اسلام آباد ۾ داخل ٿيندي ئي هر طرف قومي جهنڊن جي بهار نظر اچي رهي آهي، ??هڙي طرح سڄي ملڪ ۾ س??ني ننڍن وڏن شهرن ۾ جشن آزادي جون تياريون پنهنجي ع??وج تي آهن، پاڪستان سان گڏوگڏ آزاد ڪشمير جا جهنڊا به اسٽالز تي موجود آهن، سي ڊي اي پاران به قومي جهنڊا لڳايا ويا آهن.