اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نواز شريف ضد ڇڏي ۽ واپس اچي پنهنجي سزا پوري ڪري، ??ذريل رات کان مسلم ليگ (ن) جي سموري قيادت جون ننڊون اڏامي ويون آهن، ڪامياب جوان پروگرام ملڪي معاشي ترقي ۽ روزگار جي فروغ جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان مان سزا يافته نواز شريف جون اپيلون هتي رد ٿيون ۽ سزا بحال ٿي آهي، مدي خارج پاسپورٽ سان گڏ هو برطانيه ۾ ڀڳوڙو بڻجي وي??ل آهي، ملڪي دولت لُٽي ٻاهرين ملڪ محل بڻايا ويا، پاڪستان مان لُٽيل دولت مان ايون فيلڊ ۾ محلات ٺاهيا ويا، ه??ڻي هن ملڪ جي اميگريش?? به ان کي لال جهنڊي ڏيکاري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته توهان جو داڻو پ??ڻي هتي ختم ٿي ويو آهي، ??هڻيون ئي ڪافيون پيتون، پيزا کاڌا، هائيڊپارڪس جو سير ڪري ورتو، پولو ميچز ڏسي ورتيون، هن چيو ته نواز شريف کي پاڪستاني عدالتن ڪرپشن تي سزا ڏني آهي ۽ ٻين کي ڪوڙو هجڻ جو طعنو ڏيندڙن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته پي ايم ايل اين ته ڪوڙ ڳالهائڻ جا ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن، چاهي اهو قطري خط جي ڳالهه هجي، جعلي ٽرسٽ ڊيڊ کان وٺي ڪليبري فونٽ تائين ڪجهه به هجي انهن جي عادت بڻيل آهي، پليٽيليٽس جي جيڪا ڪه??ڻي هتي هلي هئي اها به ختم ٿي وئي، ??اڪٽر عدنا?? به واپس اچي ويو پر نواز شريف واپس نه آيو، ه??ڻي نواز شريف وٽ ڪو ٻيو چارو نه آهي ته هو واپس اچي، پنهنجي ضد کي ڇڏي ۽ پاڪستان اچي پنهنجي سزائن کي پورو ڪري، لُٽيل دولت واپس ڪري، وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ معاشي بحالي ۽ پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ٺوس قدمن کنيا ته جيئن ملڪ ۾ معاشي ترقي ٿئي، ان حوالي سان حڪومت ڪامياب جوان پروگرام شروع ڪيو هو، ان پروگرام جي ذريعي آئيڊياز جي حامل بي وسيلا نوجوانن کي شفاف طريقي سان آسان قرض فراهم ڪيا ويا، ان موقعي تي صحافين جي ??وا??ن جي جواب ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته صحافين جي ڪامياب جوان پروگرام ۾ شموليت يقيني بڻائڻ لاءِ به قدم جاري آهن ۽ ان ڏس ۾ ميڪنزم تيار ڪيو پيو وڃي، ??امياب جوان پروگرام جي شرطن تي پورو لهندڙ صحافين کي به پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڪامياب جوان پروگرام جي ڊيش بورڊ جاري ڪيو ويو.