اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي الڪيشن ۾ پي ٽي آءِ جو ?? ليگ ۽ پيپلزپارٽي سان ڪو به مقابلو ئي نه هو، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو سدائين ٻي، ٽئي نمبر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي لاءِ مقابلو رهندو، بلاول صاحب ته گلگت بلتستان ۾ به ائين ئي زودار تقريرون ڪندو رهيو هو اتي به شڪست ملي ۽ آزاد ڪشمير ۾ به منهن لڪائيندو گهمي ??هيو آهي، اڄ ٻئي پارٽيون ڌانڌلي جو روئڻو روئي رهيون آهن، ڇا ٻنهي پارٽين جي کٽيل سيٽن تي ڌانڌلي ناهي ٿي؟ بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته ماضي وانگر چونڊن ۾ به ن ليگ وانگر پيپلزپارٽي به خوب پئسو لڳايو، سندن خيال هو ته اسان کٽي پئسو ٺاهي وينداسين، پيپلزپارٽي پاڪستان ۾ ته پي ٽي آءِ حڪومت جو ڪجهه نه بگاڙي سگهي، آزاد ڪشمير ۾ به ڪج??ه بگاڙڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي، هن چيو ته بلاول صاحب، ڪهڙين مخالف ڌر پارٽين جي ڳالهه ڪري رهيو آهين، ٽئين نمبر تي ن ليگ آهي ۽ توهان ته ن ليگ اتحاد کان مرضي سان ڌار ٿيا هئا، هاڻي ڪيئن اڇليل ٿُڪ کي چٽيندا، مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته بلاول صاحب، اهو ٻڌائي ته سنڌ حڪومت ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزير بڻائڻ جو ڪهڙو اگهه آهي؟ هن چيو ته پيپلزپارٽي جيڪڏهن جمهوري ۽ پارلياماني سياست ڪندي ته پي ٽي آءِ ان جي آجيان ڪندي.