اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته (ن) ليگ جي چونڊ سڌارن تي ڳالهين کان فرار انتهائي افسوسناڪ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اهو چوڻ ته سڌارن جو عمل پا??ليامينٽ بدران اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي ظاهر ڪري ٿو ته انهن کي نظام جي سمجهه نه آهي ۽ نه ئي سڌارن ۾ ڪا دلچسپي، سدائين سازش سان اقتدار ۾ ايندڙ پا??ٽي ڇو سڌارن جي ڳالهه ڪندي؟