اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، ڪورونا جي ٽئين لهر کي منهن ڏيڻ ۽ وبا جي رو??ٿام جي حوالي س??ن حڪمت عملي ملڪي معاشي حالتن ۽ خاص طور تي عوام جي مشڪلاتن کي س??مهون رکي جوڙي ويندي، اسان جي سموري حڪمت عملي جو محور غريب عوام کي ريليف ڏيڻ ۽ ان کي وبا جي منفي اثرن کان ب??ائ?? آهي، وز??را??ظم سمورين صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جي حوالي س??ن عوام کي متحرڪ ڪيو وڃي ۽ ضلعي انتظاميا جي موثر ڪردار کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوويڊ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.