اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملاق??ت ۾ مشهور سياسي شخصيت منير احمد خان پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري سميت سڀئي م??ئلا اڳوڻين حڪومتن جي لُٽ مار ۽ ڪرپشن جي ڪري آهي، هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو مشن آهي، ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاق??ت ۾ منير احمد خان وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪ??و، ان موقعي تي اقتصادي م??املن وارو وزير خسرو بختيار، سائنس ۽ ٽيڪن??لا??ي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد به موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم منير احمد خان کي پارٽي ۾ خوش آمديد چوندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ سميت سڀني م??ئلن جو سبب اڳوڻين حڪومت پاران ڪيل لُٽ مار ۽ ڪرپشن آهي، منهنجو مشن هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو آهي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. ملاق??ت ۾ منير احمد خان وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪ??دي چيو ته پاڪستان جي تقدير ۽ مستقبل وزيراعظم عمران خان جي م??الي قيادت جي هٿن ۾ هئڻ ??ان محفوظ ۽ روشن آهي.