اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ مناسب اضافو ڪيو آهي، بجيٽ ۾ وڌيڪ وڌائينداسين، مهانگائي گهٽ ڪرڻ لاءِ پورو زور لڳائينداسين، قيمتون گهٽ ٿيندي نظر اينديون، سينيٽ اليڪشن ۾ ٻوليون ??ڳي ويون آهن، سينيٽ اليڪشن جي خريد ۽ وڪري جي معاملي تي وڊيو جي جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، پي ڊي ايم چوري بچايو موومينٽ آهي، اهي رليف چاهين ٿا پر رليف نه ملندو، تحريڪ لبيڪ سان معاهدي جي مطالبن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، سياستدان?? اربين روپين جي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪيو آهي، جيڪڏهن حڪومتي پارٽي جي ميمبر سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو آهي ته شڪايت ڪريو، ايڪشن ورتو ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ گذريل 30 سالن کان ووٽ خريد ۽ وڪرو ٿيندا پيا اچن ۽ ??ئس?? پارٽي قيادت تائين ويندو آهي، ڪنهن ان کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، وڊيو جيڪڏهن اسان وٽ پهرين هجي ها ته جن ٻن ميمبرن کي اسان گذريل ??ينيٽ اليڪشن ۾ پارٽي مان ڪڍيو هو انهن جي خلاف عدالت ۾ پيش ڪريون ??ا، هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ٻوليون ??ڳي ويون آهن، بلوچستان جي سينيٽ جي سيٽ جي قيمت 50 کان 70 ڪروڙ روپيا هلي وئي آهي، سينيٽ اليڪشن ۾ ايم پي اي پنهنجو ضمير وڪڻندا ۽ اهي سينيٽرز جيڪي ??ئس?? ڏئي ضمير خريد ڪندا اهي ڪهڙي پاڪستان جي جمهوريت جي خدمت ڪندا،.