اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي واپاري برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ٽيڪسن جي ديانتداري س??ن ادائيگي ۽ ٽيڪس چوري جي روڪٿام يقيني بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري، مثبت معاشي انگن اکرن ??ان پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن آهي، موجوده حڪومت جي پاليسين جي ڪري پاڪستان علامه محمد اقبال جي ويزن موجب مسلمان امت جي قيادت ڪندو ۽ دنيا ۾ اهم ملڪ بڻجي اڀرندو، ملڪي ترقي جي لاءِ صحت ۽ تعليم جي برابر موقعن سان ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، ڪاروباري شعبي ۾ عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي به حوصلا افزائي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ سي ايم جي ڪانووڪيشن 2020ع کي خطاب ڪندي ڪيو، ??در چيو ته م??لس?? يادگيري ڪرائي رهيو آهيان ته ڪورونا وائرس جي وبا جو ٻيو مرحلو جاري آهي، وبا جي پکيڙ جي روڪٿام جي لاءِ احتياطي تدبيرن ??ي عمل ڪرڻ ضروري آهي، ڪورونا وائرس جي وبا جي پهرين مرحلي ۾ ميڊيا آگاهي فراهم ڪئي، ماڻهن احتياطي تدبيرن ??ي عمل ڪيو.