ديامير – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم ملڪ جي لاءِ اهم ترين منصوبو آهي، جتي ان ڊيم سان پاڻي ذخيرو ۽ بجلي ٺهندي اتي ان جي ڪري تربيلا ڊيم جي ڪارآمد مدي ۾ اضافو ??ين??و، روزگار جا موقعا ملندا ۽ معيشت وڌيڪ مستحڪم ??ين??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??هڙن خيالن جو اظهار ??زيراعظم عمران خان ديامير ڀاشا ڊيم سائيٽ جي دوري ۽ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو. واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين وزيراعظم کي جاري ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني.