اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??ڪومت صحافين جي اجتماعي ۽ انفرادي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکندي، اميد آهي ته ??حافين جي نئين چونڊيل قيادت پنهنجي پيشي ۽ ساٿي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي ۽ حڪومت ?? صحافين جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. اهڙن خيال?? جو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نيشنل پريس ڪلب ۾ صحافين جي نمائنده تنظيم جي چونڊ جو معيار اعليٰ آهي، اميد آهي ته نئين چونڊيل قيادت پنهنجي پيشي ۽ ساٿي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي.