اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چ??و آهي ته ڀارتي حڪومت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري تڪراري علائقي کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏ??و آهي، جڏهن ته ان جي معيشت کي پڻ تباهه ڪري ڇڏ??و آهي. الجزيره کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته هڪ سال ۾ ڀارت ڪشمير کي مڪمل بند ۽ ان جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏ??و آهي. هن چيو ته ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 لک فوجين سان گڏ ڪشميري عوام کي گهيري رک??و آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي ملڪ جي سيڪيولر تشخص کي بگاڙڻ جو ذميوار آهي. وزيراعظم عم??ان خان چيو ته ڀارت آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي نظريي جي ڏاڍ هيٺ آهي، اڄ ڀارت جي مسلما??ن کي اهڙيون ئي حالتون درپيش آهن جيڪي نازي جرمني ۾ يهودين کي درپيش هيون. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان تڪرار جي حل لاءِ سمورا مم??ن پرامن رستا استعمال ۾ آندا آهن. سعودي عرب ۽ اي??ان جي وچ ۾ ثالث جي ڪردار جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪ??و آهي.