اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) منصوبابندي، تر??ي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد ??مر چيو آهي ته اسان کي وبا کي به روڪڻو آهي ۽ ماڻهن جو معاشي تحفظ به ڪرڻو آهي، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا پکڙي ضرور آهي پر قابو کان ٻاهر ناهي ٿي، حڪومت پاران رڳو ڪجهه هفتن ۾ 80 لک خاندانن ۾ سوا ارب رپيا ورهايا ويا آهن، بجلي جي ??لن، پاڪستان جي ??بادگارن ۽ صحت جي ??عبن سميت ٻيا رليف پئڪيج ان کانسواءِ آهن، ان صورتحال مان سرخرو ٿي اسان تڏهن ئي نڪري سگهنداسين جڏهن اسان اتحاد ۽ يڪجهتي سان گ??جي هلنداسين، چار ئي صوبائي حڪومتون، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جون حڪومتون گ??جي ڪم ڪري رهيون آهن. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وائرس تي بحث کي سهيڙيندي وفاقي وزير اسد ??مر چيو ته ڪجهه تقريرن ۾ سٺيون تجويزون آيون. امير حيدر هوتي سٺيون تجويزون ڏنيون ۽ سوال ??ه اٿاريا.