اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ ڪو??ون?? وائرس جي موجوده تازي صورتحال ۽ ان وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين سي او سي موجب منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ??سد عمر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. فور?? هيستائين جي اڳڀرائي ۽ اڳتي جي حڪمت عملي جو ??ائزو ورتو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ??ي وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير، بلوچستان، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.