اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي مختلف ملڪن ۾ ڪرونا وائرس جي وبا سان وڏي انگ ۾ فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته گڏيل ڪوششن سان ان و??ا تي ضابطو آڻي وٺنداسين. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي يورپي حڪومتي ??رب??اهن، عمان جي شوريٰ ڪائونسل جي اسپيڪر ۽ چين جي عالمي ترقي جي وزير کي خط لکيا آهن جن ۾ ڪرونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين تي پا??ست??ن جي پارليامينٽ پاران گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ پا??ست??ن پاران هر قسم جي معاونت جي آڇ ڪئي وئي آهي.