اسلام آباد- 30 ڊسمبر (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري اسڪيم جي حج جي خ??اه??مندن کي چيو آ??ي ته اهي 02 جنوري کان اڳ پنهنجو حج پيڪيج، روانگي جو هنڌ ۽ قرباني جو آ??شن تبديل ڪري سگهن ٿا، ان بعد ڪنهن به قسم جي تبديلي ممڪن نه هوندي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق حج جا خ??اه??مند 02 جنوري کان اڳ پنهنجي لاڳاپيل بينڪ ۾ وڃي اهي تبديليون ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته سرڪاري سرڪاري اسڪيم جي حج جي خ??اه??مندن کي ٻي قسط جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 27 ڊسمبر هئي جنهن ۾ 02 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ان لاءِ سمورا ڪامياب درخواستگ??ار پنهنجي لاڳاپيل بينڪ ۾ بي قسخ جمع ڪرائين . رقم جمع نه ٿيڻ جي صورت ۾ حج درخواست ڪينسل تصر?? ڪئي ويندي ۽ ان تي ڪٽوتي لاڳو ٿيندي. حج جي خ??اه??مندن کي پنهنجي لاڳاپيل بيڪ ۾ بقايا ٻي قسط جمع ڪرائڻ وقت ڪمپيوٽرائيزڊ رسيد ضرور حاصل ڪن.