اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر، م??اصلات ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جهاز حادثي تي آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير اسلام آباد ۾ آذربائيجان جي سفارتخاني ويو جتي هن سفير خضر فرهادوف سان جهاز حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ معصوم حياتين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏک جي هن ??هڙ?? ۾ اسان آذربائيجان جي عوام سان ڏک جو اظها?? ڪريون ٿا. پاڪستان ۽ آذربائيجان ڀ??ئر اسلامي ملڪ ۽ هڪٻئي جي ڏک سک ۾ هميشه شريڪ آهن. هن چيو ته الله تعاليٰ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد صحت عطا ڪري. آذربائيجان جي سفير وفاقي وزير جي سفارتخاني آمد ۽ افسوس جو اظها?? ڪرڻ تي ٿورو مڃيو.