راولپنڊي 09 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪالهه اي اين ايف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي جو دورو ڪيو. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ??وجب ڊائريڪٽر جنرل اي اين ايف ميجر جنرل عبدالمعيد، حلال امتياز ( مل??ري ) ان ??وقعي تي سندس استقبال ڪيو. وفاقي وزير کي اي اين ايف پاران سال 2024ع دوران ??نشيات جي اسمگلنگ خلاف حاصل ڪيل ڪاميابين جي باري ۾ تفصيلي ب??يف??گ ڏني وئي. وفاقي وزير منشيات اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ اي اين ايف جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ملڪ ۾ منشيات جي استعمال جي وڌندڙ رجحان ۽ درپيش مسئلن جو تدارڪ ڪندي اي اين ايف جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. آخر ۾ وفاقي وزير تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ نوجوان ??سل کي منشيات فروشي ۾ ملوث عنصرن خلاف اي اين ايف جي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو.