اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ”اُڏار پاڪستان“ کي قومي ترقي جو هڪ ٺوس ۽ متوازن پروگرام قرار ڏيندي چيو آهي ته و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ مقرر ڪيل هدف پورا ٿيندا، پاڪستان بي پناهه وسيلن سان مالامال باصلاحيت ملڪ آهي، متحد ٿي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن پاڪستان عالمي معيشتن جي صف ۾ بيهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اقتصادي پلان ”اُڏار پاڪستان“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو خاص مهمان و??ير??عظم محمد شهباز شريف هو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ٿري ايز جو پروگرام ڏنو ۽ ملڪ کي اونداهين مان ڪڍيو، 2022ع ۾ شهباز شريف جي قيادت ۾ پي ڊي ايم جي حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو ۽ هاڻي قومي اقتصادي پلان ”اُڏار پاڪستان“ تي پڻ و??ير??عظم جي قيادت ۾ ڪاميابيون ملنديون ۽ ملڪ عالمي معيشتن جي صف ۾ بيهندو. هن چيو ته هڪ ٺوس ۽ متوازن ايڪشن پلان ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ ان کانپوءِ تفصيلي وضاحت سان من??وبابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پيش ڪيو آهي. هن چيو ته ”اُڏار پاڪستان“ 5 سالن واري قومي اقتصادي پلان تي عملدرآمد جو من??وبو آهي جنهن کي صوبن ۽ وفاقي حڪومت و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي سربراهي ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ من??ور ڪيو آهي. نائب و??ير??عظم اسحاق ڊار 18 – 2013ع ۽ 22 – 2018ع جي دورن جو ذڪر ڪندي چيو ته 2013ع ۾ جنهن ملڪ کي عالمي سطح تي ميڪرو اڪنامڪ بنياد تي غيرمستحڪم ڪيو پئي ويو ۽ اها اڳڪٿي هئي ته پاڪستان 6 کان 7 مهينن ۾ ڪنگال ٿي ويندو پر اهي اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون ۽ پنهنجي صلاحيتن سان ملڪ اڳتي وڌيو. هن چيو ته اڄ ٻيهر مسلم ليگ (ن) کي عوام موقعو ڏنو آهي ۽ و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ اسان فائيو ايز پروگرام پيش ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ٿري ايز انرجي بحران، اڪانومي بدحالي ۽ ايڪسٽريم ازم جهڙن بحرانن کي منهن ڏنو ۽ اڳوڻي و??ير??عظم نواز شريف جي قيادت ۾ ڪاميابي سان سرخرُو ٿياسين، ان وقت به اڳڪٿي هئي ته 10 کان 12 سال پاڪستان ان صورتحال مان نه نڪرندو پر الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ٽنهي ايز جا هدف مڪمل ڪيا ۽ عوام کي ڊيليور ڪيو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته معيشت جا سمورا اشارا سرپلس تي آهن، اڄ اسان 6 سيڪڙو جو ٻيهر هدف و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ مقرر ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جي ناڻي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو تي، فوڊ انفليشن 2 سيڪڙو ۽ دنيا جي پنجين بهترين ۽ ڏکڻ ايشيا جي بهترين اسٽاڪ مارڪيٽ آهي، فارن ايڪسچينج جا ذخيرا بلند سطح تي آهن ۽ ملڪ مستحڪم معيشت سان اڳتي وڌي رهيو آهي. نائب و??ير??عظم چيو ته 2017ع جي واڌاري جو تسلسل برقرار نه رکيو ويو جنهن ۾ اسان کي 2030ع ۾ جي 20 ڪلب ۾ شامل ٿيڻو آهي. نائب و??ير??عظم چيو ته بدقسمتي سان ايندڙ 4 سالن ۾ اسان جي معيشت 47هين گلوبل معيشت بڻجي وئي ۽ پي ڊي ايم جي حڪومت جڏهن ذميواري سنڀالي ته ان وقت سڀ کان وڏو معاشي بحران درپيش هو ۽ چيو پئي ويو ته ملڪ ڏيوالپڻو ٿي ويندو پر و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پي ڊي ايم حڪومت ان چئلينج جو مقابلو ڪيو ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو. هن چيو ته پاڪستان وٽ وسيلن جي کوٽ نه آهي پر سياسي استحڪام جي ذريعي معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته پاڪستان کي جيڪڏهن اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته اسان کي سياسي استحڪام آڻڻو پوندو. هن چيو ته منهنجو ايمان آهي ته پاڪستان اهي هدف به حاصل ڪندو جيڪي و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ مقرر ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 17 – 2013ع ۾ آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ڪيو، جيڪڏهن تسلسل برقرار رکيو وڃي ها ته آءِ ايم ايف جي خيرباد چئي چڪا هجون ها. و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ جيڪو هي سفر شروع ٿيو آهي اهو مڪمل ٿيندو ۽ پاڪستان کي تمام جلد اسان انهن قومن جي صف ۾ ڏسنداسين جتي ان کي هجڻ گهرجي. هن چيو ته ”اُڏار پاڪستان“ جو 5 سالن جو قومي اقتصادي پلان حاصل ڪنداسين.