اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪرپشن کان پاڪ معاشري جي جوڙجڪ لا??ِ اسان کي اجتماعي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، اسان ڪرپشن جي خاتمي لا??ِ سخت احتسابي قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ گورننس ۾ شفافيت کي هٿي ڏيڻ لا??ِ پرعزم آهيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار هن بدعنواني جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ اسان ڪرپشن جي تباهه ڪن اثرن جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لا??ِ ڪرپشن جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. هي ڏينهن ڪرپشن خلاف جدوجهد، شفافيت ۽ احتساب کي هٿي ڏيڻ لا??ِ سڀني قومن جي زميوارين جي ياد ڏياري ٿو. هي ڏينهن پاڪستا?? سميت گڏيل قومن جي بدعنواني جي خاتمي واري ڪنووينشن جي ٻين ميمبر ملڪن طرفان ڪرپشن جي خاتمي لا??ِ جاري ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪرپشن سان عوامي اعتماد مجروح ٿئي ٿو ۽ هي وسيلن جي ضايع ٿيڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي به متاثر ڪري ٿو. اڄ اسان ڪرپشن جي خاتمي لا??ِ سخت احتسابي قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ گورننس ۾ شفافيت کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. صدر مملڪت چ??و ته گذريل سالن ۾ پاڪستان بدعنواني جي خاتمي جي عالمي فريم ورڪس جي روشني ۾ اهم قدم کنيا ۽ هڪ موثر احتسابي نظام قائم ڪيو آهي. جڏهن ته اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ باقي آهي ۽ اسان کي پنهنجي معاشري مان ڪرپشن جي عادت کي ختم ڪرڻ لا??ِ ڪوششون جاري رکڻيون پونديون. قومي احتساب بيورو نيب ملڪ جو ڪرپشن جي خاتمي وارو اعليٰ ادارو آهي. هن چيو ته نيب ڪرپشن جي ڪيسن جي جاچ ۽ قانوني ڪارروائي کانسواءِ ان جي ناڪاري اثرن جي باري ۾ عوامي شعور اجاگر ڪرڻ ۾ به مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. روڪٿام ذريعي ڪرپشن جو خاتمو به نيب جي هڪ اهم ذميواري آهي. جڏهن ته ڪرپشن خلاف جنگ ڪنهن هڪ اداري جي ڪوششن سان کٽڻ ممڪن ناهي، بدعنواني هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ ان جو پيچيدگيون رياست جي سمورن ٿنڀن طرفان موثر ڪوششن ۽ ڪرپشن جي بنيادي سببن تي ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪن ٿيون. صدر چيو ته ڪرپشن جي خاتمي واري ڏهاڙي جو هن سال موضوع ”نوجوانن سان متحد ٿي بدعنواني کان پاڪ مستقبل جي جوڙجڪ“ موجب اهو ضروري آهي ته معاشري جو هر طبقو خاص طور نوان سول سوسائٽي ۽ شهري بدعنواني جي خاتمي لا??ِ گڏجي ڪم ڪن، کين بدعنواني جي خاتمي جي ڪوششن ۾ فعال طور حصو وٺڻ، احتساب جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ ۽ بدعنواني جي خاتمي جو نظام بهتر بڻائڻ لا??ِ تجويزون پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي هر س??ح تي ڪرپشن کان پاڪ ڪلچر جي جوڙجڪ لا??ِ پنهنجي اجتماعي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، اسان سڀ گڏجي ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهون ٿا ته عوامي ڀلائي لا??ِ رکيل وسيلا پنهنجي جائز مقصد لا??ِ استعمال ٿين ۽ سمورا شهري شفاف ۽ موثر گورننس جي ثمرن مان فائدو حاصل ڪن. صدر چيو ته اسان کي شفاف ۽ ديانتداري جو ما??ول جوڙڻ لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙي مستقبل لا??ِ ڪم ڪرڻو آهي جتي ڪردار س??زي کي اسان جي معاشري ۾ مرڪزي اهميت حاصل هجي.