اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي ي??ني?? اي??ي ايشن سيفٽي ايجنسي (اي اي ايس اي) پاران پي آءِ اي تان پابندي هٽائڻ کي خوشخبري قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان يورپ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي راهه هموار ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته خاموشي سان محنت ڪريو، توهان جي ڪاميابي پاڻ ??ال??ائيندي، الحمدالله پاڪستان جي لاءِ وڏي خوشخبري آهي، يورپي ي??ني?? اي??ي ايشن سيفٽي ايجنسي (اي اي ايس اي) پي آءِ اي تان پابندي هٽائي ڇڏي آهي جنهن سان يورپ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي راهه هموار ٿي وئي آهي. هن چيو ته آئون هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ سندس پوري اي??ي ايشن/ پي آءِ اي ٽيم کي ان سلسلي ۾ اڻٿڪ ڪوششن تي خصوصي ??بارڪباد ڏيان ٿو. اهو عمل 2022ع ?? پي ڊي ايم حڪومت دوران ان وقت جي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي قيادت ۾ اهم ڪوششن سان شروع ڪيو ويو هو، هي قوم جي لاءِ قابل فخر لمحو آهي.