اسلام آباد- 22 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته نيشنل پوليس ا??يڊ??ي کي يونيو??سٽ?? جو درجو ڏيڻ ۽ پاڪستان ملٽري ا??يڊ??ي کي ڪاڪول جهڙو ادارو بڻايو ويندو، جڏهن ته پوليس ا??يڊ??ي ۾ سزا طور آفيسرن جي مقرري واري روايت ختم ڪرڻي پوندي. 10 آءِ جيز پوليس ا??يڊ??ي جي آنرشپ وٺن ته اسان سٺن آفيسرن کي فيلڊ ۾ آڻي سگهون ٿا. پوليس آفيسر پنهنج?? ذميوارين، عوام جي خدمت ۽ ترقي تي ڌيان ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پوليس ا??يڊ??ي ۾ اي ايس پيز 50 ڪامن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب دوران ڪيو. گهرو وزير سمورن ڪامياب آفيسرن کي ??با??ڪ ڏيندي چيو ته سکيا مڪمل ڪندڙ آفيسرن لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم عوام جي خدمت آهي. هن چيو ته توهان ديانتداري سان عوامي مسئلا حل ڪندا ته هر ميدان ۾ ڪامياب ٿيندا. نيشنل پوليس ا??يڊ??ي کي عالمي معيار موجب بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي هن نيشنل پوليس ا??يڊ??ي کي پاڪستان ملٽري ا??يڊ??ي وانگر عالمي معيار جي ا??يڊ??ي بڻائڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو. گهرو وزير چيو ته اسان ا??يڊ??ي کي جديد بڻائڻ لاءِ 50 ڪروڙ روپين جو بندوبست ڪيو آهي جنهن ۾ 25 ڪروڙ نيشنل پوليس فائونڊيشن ۽ 25 ڪروڙ حڪومت پاران فراهم ڪيا ويندا. هن ان اڳالهه تي زور ڀريو ته اها روايت ختم ڪئي وڃي تي هتي سزا طور آفيسرن کي مقرر ڪيو ويندو. فائرنگ جي سهولت ۽ جديد سکيا سينٽرز جي حوالي سان گهرو وزير چيو ته ا??يڊ??ي ۾ فائرنگ جي سهولت جي گهٽتائي کي ختم ڪري ٽاسڪ فورس جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جديد سکيا مرڪز قائم ڪيا ويندا جتي ملڪ جي مختلف حصن مان ماڻهو سکيا حاصل ڪرڻ ايندا. هن چيو ته نيشنل پوليس ا??يڊ??ي کي يونيو??سٽ?? جي معيار تائين پهچائڻ لاءِ تجويزن جي ڪم ڪيو ويندو ته جئين جديد سکيا ڪورس ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي پوليس آفيسرن کي وڌيڪ قابل بڻائي سگهجي. گهرو وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان پوليس آفيسر عوامي خدمت ۾ اعليٰ ڪردار ادا ڪندا.