غذر – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بل??ست??ن ۾ ميگا ترقياتي منصوبن جي تڪميل سان ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ٽريننگ ڏيڻ گهرجي، سعودي عرب ۽ نار ملڪن ۾ جديد شعبن ۾ هنرمند افرادي قوت جي لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن، گلگت بل??ست??ن ۾ سياحت جي فروغ سان هي خطو خوشحال ٿيندو. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن گلگت بل??ست??ن ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳال??ائ??ندي ڪيو. هن چيو ته گلگت بل??ست??ن جي عظيم ۽ محب وطن ڀينرن ڀائرن سان ملي خوشي ٿي، غذر جي علائقي جو اڄ دورو ڪيو جتي 2022ع ۾ قدرتي آفت آئي هئي ۽ اتي پوري ڳوٺ جو نشانو مٽجي ويو هو، آگسٽ 2022ع ۾ هتان جو دورو ڪيو هو، تباهي ڏسي ڏک ٿيو، هڪ معصوم ٻارڙي ۽ سندس والد زندهه بچي ويا هئا، ان وقت ان ڳوٺ جي بحالي جي هدايت ڪئي هئي، اتان جا ماڻهو اڄ پنهنجي گهرن جا مالڪ بڻجي ويا، زندهه بچي ويندڙ قوم جي ڌيءَ جي لاءِ پا??ست??ن جي حڪومت 50 لک رپيا سندس اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا هئا جيڪي اڄ 67 لک رپيا ٿي ويا آهن. هن چيو ته اسان سڀ الله تعاليٰ جا لک لک شڪر ادا ڪريون ٿا، قوم جي اها ڌيءَ محنت ڪري باوقار زندگي گذاريندي، ان ڌيءَ کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو نه پوندو. هن چيو ته گلگت بل??ست??ن ۾ سردين ۾ بجلي جو مسئلو شدت اختيار ڪيو وڃي ٿو، ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي مسئلي ۽ يونيورسٽين ۾ ذهين شاگردن جي تعليم سميت انفراسٽرڪچر جي منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٺوس فيصلا ڪيا. هن چيو ته گلگت بل??ست??ن ۾ پن بجلي جي 2 منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، انهن منصوبن تي تڪميل کان اڳ جيالوجيڪل سروي سميت مختلف سببن جي ڪري ڊگهو وقت گهربل هوندو آهي. هن چيو ته سردين ۾ بجلي جي طلب 450 ميگاواٽ تائين پهچي وڃي ٿي جيڪو وڏو چئلينج آهي، ٽيڪنيڪل يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ان جي شروعات ڪئي هئي، يونيورسٽي آف بل??ست??ن ۽ ٻين منصوبن تي عمل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ڪجهه منصوبا مڪمل ٿي ويا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بل??ست??ن جي لاءِ بجلي جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي هڪ سئو ميگاواٽ شمسي توانائي جو منصوبو لڳائيندي جيڪو هڪ سال ۾ مڪمل ڪيو ويندو، پنهنجي ذاتي نگراني ۾ اهو منصوبو مڪمل ڪرائيندس. وزيراعظم چيو ته بل??ست??ن يونيورسٽي ۽ قراقرم يونيورسٽي ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن مان جيڪي پنهنجي فيس ادا نه ٿا ڪري سگهن ان مد ۾ ٻنهي يونيورسٽين جي لاءِ 50، 50 ڪروڙ رپين جو فنڊز رکنداسين جنهن سان انهن شاگردن کي وظيفا ڏنا ويندا. هن چيو ته مواصلات وارو سيڪريٽري رستن جي معام??ن جي حل لاءِ پوري گلگت بل??ست??ن جو دورو ڪندو، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ڪشمير ۽ گلگت بل??ست??ن معاملن واري وزير امير مقام، ڪشمير معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري، گلگت بل??ست??ن جي وڏي وزير ۽ گلگت بل??ست??ن جي چيف سيڪريٽري کي عوام جي مسئلن بابت تفصيلي خيا??ن جي ڏي وٺ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن ان بابت فوري فيصل??سا??ي ٿي سگهي. هن چيو ته گلگت بل??ست??ن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سڄي ملڪ ۾ موجود نوجوان اسان جو وڏو اثاثو آهن، سعودي عرب ۽ نار ملڪن ۾ هنرمند افرادي قوت جي لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن، اسان کي پنهنجي نوجوانن، ٻارڙن ۽ ٻارڙين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ٽريننگ ڏيڻ گهرجي، وفاقي حڪومت ان تي ڀرپور ڌيان ڏنو آهي، ان سان ڪروڙين نوجوان باوقار طريقي سان روزگار حاصل ڪري سگهندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت کي تيزي سان وسعت ڏئي رهيا آهيون، ان جو نوجوانن ۽ پا??ست??ن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته گلگت بل??ست??ن جي غيرتمند ۽ بهادر عوام عظيم قربانيون ڏئي ڊوگره راج کان آزادي حاصل ڪئي. هن يقين ڏياريو ته شهيدن جون قربانين ڀلي قيام پا??ست??ن جي لاءِ هجن يا گلگت بل??ست??ن حاصل ڪرڻ جي لاءِ هجن اسان جي بزرگن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، انهن جو رت رنگ آڻيندو ۽ پا??ست??ن عظيم بڻجندو. هن چيو ته گلگت بل??ست??ن خوبصورت علائقو آهي، هتي سياحت جي فروغ جي لاءِ پنهنجي قطر ۽ سعودي عرب جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن علائقي ۾ سياحت جي فروغ جي لاءِ سيڙپڪاري ٿيندي، هتي سڄي دنيا مان سياح ايندا، هي خطو خوشحال ٿيندو، پا??ست??ن عالمي دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪندو.