اسلام آباد-25 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ميانوا??ي پوليس کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پنجاب پوليس جي بهادر جوانن 10 خوارجي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو.جمعي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي گهرو وزير ڊ?? پي او ميانوالي اختر فاروق ۽ پوليس ٽيم کي شاباش ڏيندي چيو ته ميانوا??ي پوليس جي ٽيم جرئت سان خوارجي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. پنجاب پوليس جي ڪمانڊر آءِ جي عثما?? انور ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته ميانوا??ي پوليس جي ڪارنامي تي قوم کي فخر ??هي. پنجاب پوليس جي بهادر سپوتن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. 10 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ وارا پوليس اهلڪار قوم جا هيرو آهن.