اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊ??ره اسماعيل خان ضلعي ۽ بنون ضلعي ۾ دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊ??ره اسماعيل خان ضلعي جي علائقي درازنده ۾ خوارجي دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ بنون ضلعي ۾ دهشتگرد حملي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن جي شهاد?? تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي ??هرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.