اسلام آباد-11 آڪٽوبر(اي پي پي) آسٽريليا پاڪستان کي نهري پاڻي جي ورڇ تي تحقيق واري منصوبي لاءِ 3 م??ين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو، گذريل ڏينهن اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه جي منظوري کان پوءِ اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز آسٽريلين سينٽر فار انٽرنشينل ايگريڪلچر ريسرچ جي چيف ايگزيڪيوٽو پروفيسر وينڊي امبر گر سا?? معاهدن تي صحيحيون ڪيون جن جو مقصد موسمياتي مناسبت جي لح??ظ کان پاڻي جي ورڇ ڪرڻ آهي. ان معاهدي موجب آسٽريليا پاڪستان کي ان منصوبي لاءِ 3 م??ين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو اهو منصوبو پ??جن سا??ن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن سا?? پاڪستان ۾ نهري پاڻي جي ورهاست ۽ طريقن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن زرعي شعبي جي ترقي لاءِ آسٽريلوي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو.