اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب معيشت، زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ خوشحال ۽ پرامن مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ان ڳالهه جو اظهار ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ سعودي سيڙپڪاري و??رو وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي قيادت ۾ پاڪستان جي دو??ي تي آيل سعودي عرب جي وفد جي وچ ۾ ملاقات دو??ان ڪيو ويو. صدر وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ پراڻي ۽ هر آزمائش ۾ پوري لهندڙ دو??تي جو ذڪر ڪيو. هن دو??تاڻي لاڳاپن کي ڊگهي مدي و??ري اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙي طر?? جو تعاون ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو. صدر خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پاڪستان جي گهري احترام ۽ سعودي عرب سان يڪجهتي جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ولي عهد ۽ سعودي عرب جي و??يراعظم محمد بن سلمان آل سعود جي دو??انديش قيادت کي پڻ ساراهيو. هن ويزن 2030ع تحت سعودي عرب پاران ڪئي ويندڙ ذڪر جوڳي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران پاڪستان سان مسلسل تعاون تي ٿور?? مڃيا. صدر چيو ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي جو مشاهدو ڪري کيس خوشي ٿي رهي آهي. ان موقعي تي سعودي سيڙپڪاري و??ري وفاقي و??ير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي اهميت، قدرتي و??يلن ۽ قابل تجديد توانائي جي صلاحيت کي تسليم ڪري ٿو. هن چيو ته سعودي عرب پاڪستان جي انفراسٽرڪچر ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندن وفد مختلف شعبن ۾ 25 معاهدن تي صحيحون ڪندو، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي فروغ ملندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته معاهدي تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي نئين دو?? جي شروعات ٿيندي. ڌرين زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي پيٽروليم وارو وفاقي و??ي?? سينيٽر مصدق مسعود ملڪ، واپار وارو وفاقي و??ير ڄام ڪمال خان، نجڪاري و??رو وفاقي و??ير عبدالعليم خان، وفاقي گهرو وزي?? سينيٽ?? سيد محسن رضا نقوي، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي و??رو وفاقي و??ير چوڌري سالڪ حسين، سينيٽر سليم مانڊوي و??لا کانسواءِ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي پڻ موجود هو.