لنڊن-29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف، مولانا فضل الرحمان کي جميعت علماءِ اسلام (ف) جو بنا مقابلي ۽ گڏيل ط??ر تي صدر چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ??اري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان ??ي سربراهي ۾ جي يو آءِ (ف) هميشه عوام جي بهترين نمائندگي ڪندي آئي آهي، مولانا فضل الرحمان ??ي، جي يو آءِ (ف) جي صدر جي حيثيت سان چونڊ سان ??مهوري قدرن کي هٿي ملندي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پارليامينٽ جي بالادستي جي قيام ۾ مولانا فضل الرحمان ??و انتهائي اهم ڪردار آهي، اسان کي اميد آهي ته مولانا فضل الرحمان ??ي سربراهي ۾ جي يو آءِ (ف) ملڪ ۾ جمهوريت جي بالادستي ۽ هٿي وٺائڻ لاءِ بهترين ڪم ڪندي. وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان ??ي قيادت ۽ ويزن هيٺ جي يو آءِ (ف) کي وڌيڪ بلندين طرف وٺي ويندي. وزيراعظم، مولانا عبدالغفور حيدري کي به جي يو آءِ (ف) جو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني.