اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته اخبارن سميت ڄاڻ جا ذريعا معلومات جي فراهمي ۽ مل?? جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هي اهي ذريعا آهن جيڪي شهرين کي مستند ۽ اعتماد جوڳي معلومات پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اربع ڏينهن اخبار پڙهڻ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي، صحافي ۽ ??يڊ??ا پروفيشنلز کي مبارڪون ڏيندي چيو ته درست ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرون معاشري ۾ سچائي، امن، استحڪام ۽ ترقي کي هٿ?? ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. پارليامينٽ هميشه آزاد ۽ ذميواراڻي صحافت کي هٿ?? ڏيڻ لاءِ قانونسازي ڪئي آهي. اخبارون ڊجيٽل ??يڊ??ا جي دور ۾ جعلي خبرن جي روڪٿام ۽ حقيقتن تي ٻڌل معلومات جي فراهمي جو هڪ اهم ذريعو آهن. هن چيو ته اخبارون سياسي شعور اجاگر ڪرڻ ۽ شهرين کي سندن بنيادي حقن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اخباري صنع?? جي ترقي ۽ هٿ?? وٺرائڻ لاءِ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. مل?? جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي ته اسان سڀ پنهنجي ذميوارين کي آئين ۽ قانون موجب بهترين انداز ۾ ادا ڪريون.