اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري 2 خوارج کي جهنم واصل ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز جي بهادري تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ??وم جي مدد سان دهشتگردي جو پاڙ کان خاتمو ڪيو ويندو. ملڪ ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال محفوظ بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، ??وم کي ??نه??جي جانباز جوانن تي فخر آهي جيڪي ملڪ جي حفاظت جي لاءِ هر وقت تيار آهن.