اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف مهمند ضلع ۾ خارجي دهشتگردن پاران فرنٽيئر ڪور ه??ڊ ڪوارٽرز تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ ف??ج جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته پاڪ ف??ج جي جوانن بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت سان ڪيمپ تي حملو ڪندڙ 4 آپگهاتي خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قو?? پاڪ ف??ج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪر?? ٿي. دهشتگردي جي لعنت کان ملڪ کي مڪمل طور پاڪ ڪرڻ تائين ان خلاف جنگ جاري رکنداسين. پاڪ ف??ج جا آفيسر ۽ جوان فتنه الخوارج جي دهشتگردن کان پاڪستان جي ڌرتي کي پاڪ ڪرڻ لاءِ مصروف آهن. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قو?? پاڪستان جي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي.