لنڊن – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ س??ن ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران نائب وزيراعظم دولت مشترڪه س??ن پاڪستان جي وابستگي ۽ پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو ور??اء?? ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس (CAYA) سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي حمايت تي ٿورا مڃيا. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان جي دوري دوران ملندڙ مهمان نوازي کي ياد ڪندي پاڪستان سان موسمياتي تبديلي ۽ نوجوانن ??ي مسئلن تي تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ساموآ ۾ دولت مشترڪه س??براهي اجلاس کان اڳ گڏيل ترجيحن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم ناليواري پاڪستاني مصور اجاب خان جي پيٽنگ ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ ??ي پيش ڪئي.