اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي استحڪام، اوڳاڙين جي وصولي ۾ بدعنواني جي روڪٿام، اسمگلنگ جي خاتمي، موثر روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته مهانگائي جو بار آهستي آهستي گهٽ ٿي رهيو آهي، مهانگائي جي شرح آگسٽ ۾ 9.6 سيڪڙو کان هيٺ اچي وئي آهي، رائيٽ سائيزنگ ۽ ڊائون سائيزنگ سان گڏوگڏ گردشي قرضن ۾ پڻ گهٽتائي آڻڻي پوندي، آءِ ??يم ايف سان هي اسان جو آخري پروگرام هجڻ گهرجي، ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي ضرور ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مهانگائي جو بار آهستي آهستي گهٽ ٿي رهيو آهي. آگسٽ ۾ ناڻي واڌ جي شرح 9.6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. گذريل سال انهي مهيني ان جي شرح 27 سيڪڙو هئي. اها ??نتهائي خوش آئنده ڳالهه آهي. ان تي ناڻي واري وفاقي وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، س??ور??ن لاڳاپيل وزارتن جي آفيسرن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. اها ??مام سٺي ڪاميابي آهي، سفر ڊگهو آهي پر اسان کي تيزي سان اڳتي وڌڻو آهي. معيشت کي ترقي ڏيڻي آهي ۽ ان ۾ استحڪام آڻڻو آهي. روزگار جا موقعا وڌائڻا آهن. خرچن ۾ تيزي سان گهٽتائي ڪرڻي آهي، ان جي لاءِ ??ائيٽ سائيزنگ ۽ ڊائون سائيزنگ کي يق??ني بڻائڻو آهي. بجلي ۽ گئس جي گردشي قرضن کي پڻ گهٽ ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪس چوري ۽ بدعنواني کي روڪڻو آهي. روزگار جا موثر موقعا فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. ان کانسواءِ ??سمگلنگ جو پڻ خاتمو ڪرڻو آهي. انهن س??ور?? معاملن تي ڏينهن رات ڪم ٿي رهيو آهي. سفر مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي هدفن تي ڌيان ڏنوسين ته پنهنجي منزل تي ضرور پهچنداسين. جيڪڏهن زباني ڳالهين ۽ ڪاغذي ڪارروائي کان وڌيڪ عملدرآمد تي ڌيان ڏنوسين ته اسان پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهون ٿا. معيشت جي بهتري جي لاءِ ????ور?? رخن ۾ سنجيدگي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. ڏينهن رات محنت ڪندڙ قومن پنهنجون حالتون بهتر ڪيون، پاڪستان کي الله تعاليٰ معدنيات، قدرتي وسيلن سان مالامال ڪيو آهي. پاڪستاني قوم خا طور تي نوجوان انتهائي باصلاحيت آهن. آءِ ??يم ايف جي پروگرام جي گهُرجن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. آءِ ??يم ايف بورڊ ۾ اسان جو ڪيس ويندو ته نئون سفر شروع ٿيندو پر اهو ملڪي تاريخ جو آءِ ??يم ايف جو آخري پروگرام هجڻ گهرجي. ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهندو ۽ ترقي ڪندو.