فيصل آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي عظيم سپوت ?? سيپٽمبر 1965ع جي جنگ جي هيرو ميجر راجه عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) جو شهادت جو ڏهاڙو 12 سيپٽميبر خميس ڏينهن انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو. ميجر راجه عزيز ڀٽي شهيد 12 سيپٽمبر 1965ع تي پاڪ ڀارت جنگ ??ور??ن لاهور جي محاذ ۾ وڙهندي شهادت ما??ي. هن کي پاڪستان جي هٿياربند ??وج جي سڀ کان وڏو اعزاز نشان حيدر سان نوازيو ويو. ورسي جي موقعي تي شهيد جي آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي ويندي. ان موقعي تي مسجدن ۾ قرآن خوانين جو به انتظام ڪيو ويو آهي.