اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سين??ٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان جي دوري تي آيل ايشيا ۾ رابطي ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس (سيڪا) جي سيڪريٽري جنرل سفير ڪيرات سريبي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ا??شيا ۾ گڏيل ۽ ٺوس تعاون تي ٻڌل ۽ پائيدار سلامتي جي لاءِ سيڪا جي ويزن جي لا??ِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تڪرارن جي روڪٿام، مقامي تڪرارن جي بنيادي سببن ک?? حل ڪرڻ ۽ سيڪا خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لا??ِ پائيدار حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم اڀرندڙ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ روڪٿام جي سفارتڪاري، گهڻ رخي ۽ علائقائي تعاون جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. سيڪا جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي فعال ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ نائب وزيراعظم کي سيڪا جي جاري سرگرمين ۽ مستقبل جي موقف کان آگاهه ڪيو.