اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مستونگ ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ذريعي ٽن دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سڄي ??وم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، شرپسند ڌريون ملڪ ۾ امن کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿيون، دهشتگردي ذريعي ملڪ ۾ بدامني ۽ ڏڦيڙ پکيڙيندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اسپيڪر پاڪ فوج پاران ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي ??ي عزم کي ساراهيو ?? چيو ته پاڪ فوج جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ع??م واکاڻ جوڳو آهي.