اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ا??رائيلي قابض عملدارن جي عهديدارن جي سربراهي ۾ سوين انتهاپسند آبادڪارن پاران مسجد اقصيٰ تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ختم ڪرڻ ۽ اسرائيل کي ان ??ي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده ٿيڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته غزه جي عوام جي خلاف جاري جنگ ۾ اسرائيلي قابض فوج 40 هزار ماڻهن جو قتل عام ڪيو آهي جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي. تر??ما?? چيو ته اسلام جي مقدس ترين جاين مان هڪ جي بي حرمتي ۽ عبادتگذارن جي حقن ۾ رڪاوٽ سڄي دنيا جي مسلمانن ??ي جذبن کي شديد تڪيلف پهچائي ٿي، اها حرڪت جنيوا ڪنوينشنز ۽ والاريل بيت المقدس جي تاريخي شهر جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردا??ن جي کليل خلاف ورزي آهي. تر??ما?? چيو ته اسان والاريل بيت المقدس جي عرب ۽ اسلامي ڪر??ار کي تبديل ڪرڻ جي مقصد سان ا??رائيلي قبضي جي پاليسين سان پيدا ٿيندڙ خطري بابت اسلامي تعاون تنظيم جي خدشن جو اظهار ڪريون ٿا. تر??ما?? چيو ته پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها والاريل بيت المقدس ۾ مقدس جاين جي تقدس جي خلاف انهن سنگين ۽ بار بار ٿيندڙ خلاف ورزين کي ختم ڪرڻ، الاقصيٰ جي اسلامي تقدس جي حفاظت ۽ فلسطيني عوام جي عبادت جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري ڪارروائي ڪري.