اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ دوست ملڪن س??ن واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا ??ڌي?? مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ويتنام، مالديپ ۽ آئرلينڊ جي سفيرن س??ن ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ کيس سفارتي سندون پيش ڪيون. سفيرن صدر سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. صدر سفيرن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن س??ن ٻطرفو واپاري ماپو وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. آصف علي زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان س??ن گڏيل فائديمند تعاون ??ڌي?? بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، سيڙپڪارن کي زراعت، توانائي، انفراسٽرڪچر، مينوفيڪچرنگ، ا??فا??ميشن ٽ??ڪن??لاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ گرين ٽ??ڪن??لاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.